SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ويٽنامي ڀئُه


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ويٽنامي ڀئُه

Vietnam Syndrome

ويئتنام سنڊروم

1960ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا طرفان ويٽنام ۾ ڪيل فوجي مُداخلت جي نتيجي ۾ آمريڪي عوام طرفان سندن حڪومت ۽ سياسي اڳواڻن خلاف پيدا ٿيل چِڙ ڀريل عوامي ردِعمل ۽ ناخوشيءَ، ملڪ ۾شديد ذهني ڇڪتاڻ ۽ تضادن ڀريل نفسياتي مونجهارن کي جنم ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ عوامي حلقن اندر حُڪومتي پاليسين خلاف شديد ناراضگي ڏسڻ ۾ آئي. ويٽنام ۾ مقامي آزادي پسند فوجن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل جنگ (1975ع) جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ آمريڪي فوجين جي موت ۽ مالي نقصان جي ڪري آمريڪا ۾ جيڪا فضا پيدا ٿي، تنهن آمريڪي معاشري ۾ چِڪندڙ ڦَٽَ جي شڪل اختيار ڪئي ۽ ڪيتري عرصي تائين آمريڪي عوام انهيءَ عذابناڪ صورتحال کي وساري نه سگهيو. عوامي سطح تي پيدا ٿيل انهيءَ ذهني ڪيفيت کي مٿئين اصطلاح سان چٽو ڪيو ويندو آهي.


Remember Me Also:

برسائڻ

مصدر. ”بَرسڻ“ مان متعدي بالواسطه. وسائڻ ، بارش ڪرڻ. آباد ڪرڻ. مُلڪ وسائڻ. سهڻو بنائڻ ، سينگارڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal